آخوند عبدالرحمان چانڊيو

آخوند عبدالرحمان چانڊيو: آخوند عبدالرحمان چانڊيو، تعلقي قمبر ۾ نواب غيبي خان چانڊيي جي جاگير جو رهاڪو هو. اندازً 74-1272هه/57-1855ع ڌاري ڄائو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد شاگردن کي پڙهائيندو هو. ڪافي گو شاعر هو. ڪافيءَ سان گڏ هنر،سينگار ۽ ٽيهه اکريءَ وغيره صنفن ۾ به شاعري ڪيائين. سندس ڪلام مشهور شاعر، شاهه محمد ديدڙ جي تتبع تي چيل آهي. هن 1346هه/1927ع ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1855.00.00  عيسوي

آخوند عبدالرحمان چانڊيو 4-1272هه/57-1855ع ڌاري ڄائو .


1927.00.00  عيسوي

آخوند عبدالرحمان چانڊيو 1346هه/1927ع ۾ وفات ڪئي .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صمد ساز رضوي
غلام علي مداح ٺٽوي
آتش سنڌي
جلال کٽي
امر اقبال
آخوند لطف الله لطف قريشي
محمد اسماعيل سومرو منصور
حڪيم غلام محمد عرشي
ابرار ابڙو
ادريس عاجز عباسي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون